ڊاڪٽر عبدالرحمان جسڪاڻي

ڊاڪٽر عبدالرحمان جسڪاڻي

عبدالرحمان جسڪاڻي ڊاڪٽر

عبدالرحمان جسڪاڻي، ڊاڪٽر: تعليم جي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڊاڪٽر عبدالرحمان جسڪاڻي، 2 مارچ 1960ع تي ڳوٺ دُٻي، تعلقي ميرواهه، ضلعي خيرپور ۾ پرائمري استاد حسن بخش جسڪاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سنڌي تعليم پرائمري اسڪول دُٻي، اٺون درجو مڊل اسڪول عثمان رند، مئٽرڪ هاءِ اسڪول ٺري ميرواهه ۽ انٽر ممتاز ڪاليج خيرپور مان ڪيائين. جنهن بعد ايران، عراق، ترڪي، اردن ۽ شام جي ملڪن ۾ تفريح لاءِ ويو. هڪ سال تائين شام ۾ رهي عربي ٻوليءَ جي مڪمل سکيا ورتائين. وطن ورڻ بعد سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان 1983ع ۾ ايم. اي (عربي) ڪيائين. جنهن بعد مختلف وقتن تي تعليم کاتي، سينٽرل ايڪسائيز ۽ لينڊ ڪسٽم ۾ ملازمت ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان اسٽيل جي تعليم کاتي سان پڻ منسلڪ رهيو. ملازمت دوران 1986ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ايم.اي سنڌي، 1986ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم.اي صحافت، 1996ع ۾ ايم فل ۽ 2008ع ۾ ‘شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ اسلامي قدر’ جي عنوان سان ڊاڪٽر نواز علي شوق جي نگرانيءَ هيٺ تحقيقي مقالو لکي پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. سندس پي. ايڇ. ڊي ٿيسز سياحت ۽ ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ پاران ڇپيل آهي. ڊاڪٽر عبدالرحمان تعليم سان گڏ سماجي خدمتن جي شعبي سان تعليم، صحت ۽ ڀلائي جي ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم ڪيو آهي، جڏهن ته ريڊيو ۽ ٽي وي جي مختلف چئنلن تي علمي ادبي، سماجي ۽ مذهبي موضوع تي پروگرام ڪندو رهيو آهي. سندس لکيل ڪيترائي علمي ۽ ادبي مضمون ۽ مقالا سنڌي ۽ اردوءَ جي مختلف اخبارن توڙي مختلف يونيورسٽين جي تحقيقي جرنلن ۾ ڇپيل آهن. ان کانسواءِ نصابي ڪتابن نائين، ڏهين ۽ ٻارهين جي سنڌي ۽ اسلاميات جي تياريءَ ۾ شامل رهيو آهي ۽ تر جمي ۾ سندس ڪيترائي مضمون مقالا ۽ ڪتاب پڻ ڇپيا آهن. پاڻ هن وقت پاڪستان اسٽيل ڪيڊٽ ڪاليج، اسٽيل ٽائون ڪراچيءَ ۾ پرنسپال ۽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان خدمتون سان سرانجام ڏئي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.03.02  عيسوي

ڊاڪٽر عبدالرحمان جسڪاڻي، 2 مارچ 1960ع تي ڳوٺ دُٻي، تعلقي ميرواهه، ضلعي خيرپور ۾ پرائمري استاد حسن بخش جسڪاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

درويش پنيو ناريجو
حمزه علوي
سرفراز ڪلهوڙو
بقائي ڊاڪٽر فريدالدين
استاد نظاماڻي
صوف فقير
تهذيب السلام رضوي
اجمل بيگ مرزا
رميش سپي
پاٽولي استاد عاشق حسين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون